جمال الدين جوڳي

جمال الدين جوڳي

جمال الدين جوڳي

جمال الدين ’جوڳي‘: جمال الدين ’جوڳي‘ ولد تاج محمد جمالي 12 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ ٻٻر، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ جنو شريف ۾ رهيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري پريس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. مارچ 1991ع ۾ ’سنڌ گورنمينٽ پريس خيرپور‘ مان فورمين طور ملازمت تان رٽائر ڪيائين ۽ پوءِ شڪارپور ۾ لکيدر تي ’نيو فرمان پرنٽنگ پريس‘ نالي سان پنهنجي پريس قائم ڪيائين. جنهن شڪارپور ۾ هندن جي وڃڻ کانپوءِ ٿيل کوٽ کي ڪجهه قدر پورو ڪيو.
جمال الدين جوڳي 1965ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن غزل، نعت، قطعا، رُباعي، مسدس، ڪلام ۽ منقبت وغيره جهڙين صنفن ۾ شاعري ڪئي. غزل ۽ قطعا سندس پسنديده صنفون رهيون. شاعريءَ ۾ سندس استاد سنڌي زبان جو مشهور شاعر اميد خيرپوري هو ۽ 1979ع کان هن اميد خيرپوري جي نظر هيٺ پڪي ۽ پختي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس شاعري جو مجموعو ’قطعات جوڳي‘ 2010ع ۾ ’مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ پاران ڇپيل آهي، جنهن کي وفا منظور چوهاڻ ترتيب ڏنو آهي. ان کان علاوه سندس ڪلام جو ٻيو مجموعو ’جوڳيءَ جي جهونگار‘ قلمي صورت ۾ پيل آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.


لفظ جمال الدين جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.12  عيسوي

جمال الدين ’جوڳي‘ ولد تاج محمد جمالي 12 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ ٻٻر، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
پيرغلام رسول سرهندي
عبدالستار ڀٽي
ڪرڻجي سوڍو
بلاول شاهه حسيني
راجيش کنا
جارج برنارڊشا
زوار نقوي
حسن شيخ
الف شاهه شهيد ۽ مست علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون